بهادر فقير لغاري

بهادر فقير لغاري: بزرگ ۽ شاعر بهادر فقير لغاري 1897ع ڌاري ڳوٺ ڪامل لغاري تعلقي شهدادپور ۾ فقير سانوڻ خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن سنڌي فائينل تائين تعليم حاصل ڪئي هئي، کيس سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي جي چڱي ڄاڻ هئس. فائينل پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي تائين مختلف نوڪريون ڪيائين، پر هن کي ڪنهن به نوڪريءَ ۾ کيس مزو نه آيو. ريلوي جي نوڪري به ڇڏي ڏنائين ۽ الله جي ياد ۾ وقت گذارڻ لڳو. هن پير سيد شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري ذڪر ورتو هو ۽ شهدادپور کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف ريلوي لائين جي الهندي پاسي ڀٽ تي رهي رياضتون ڪيائين ۽ چلا ڪاٽيائين. پاڻ راڳ ڳائيندو ۽ شاعري به ڪندو هو. ڪيتروئي ڪلام لکيو هئائين پر ڪنهن کي به اتارڻ نه ڏنائين. ڪلام چوڻ وقت مٿس ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هن 23 سالن جي ڄمار ۾ فقيري اختيار ڪئي ۽ 34 سالن جي ڄمار ۾ 30 جنوري 1931ع تي وفات ڪئي. سندس قبر تي خوبصورت روضو اڏيل آهي، جتي هر اسلامي مهيني جي يارهين تاريخ تي صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي آهي ۽ هر جمعي تي لنگر پڻ ٿيندو آهي. جڏهن ته سندس عرس هر سال يارهين ۽ ٻارهين رمضان تي ٿيندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻي راڳ جي وڏي محفل پڻ ٿيندي آهي ۽ سڄي سنڌ مان صوفي راڳيءَ شريڪ ٿيندا آهن. سندس درگاهه جو هن وقت گادي نشين فقير شير محمد لغاري آهي.


لفظ بهادر فقير لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.01.30  عيسوي

شاعر بهادر فقير لغاري 1897ع ڌاري ڳوٺ ڪامل لغاري تعلقي شهدادپور ۾ فقير سانوڻ خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.32 سالن جي ڄمار ۾ 30 جنوري 1931ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبدار سولنگي
راز شيخ عبدالرزاق
حمل فقير 1
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
بلبل کورواهي
سيد گل حسن شاهه مجذوب
پير آقا محمد اسماعيل جان مولانا
راج راڄپر
رمز علي فقير
صابر علي مير ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون